باک اشاعت گهر

باک اشاعت گهر: سنڌ جي علمي ادبي شهر موري مان 1976ع ۾، ڪجهه اديبن ۽ ادب دوستن ’اشاعت گهر'>باک اشاعت گهر‘ جي نالي سان هڪ علمي ادبي سلسلو شروع ڪيو هو، جنهن طرفان ڇهه پرچا نڪتا. هنن پرچن جو مرتب مشهور اديب ۽ استاد نذير قاضي هو، جڏهن ته سندس ٻانهن ٻيلي سنڌ جو ناميارو شاعر راشد مورائي هو. ڪتابي سلسلي لاءِ مواد هٿ ڪرڻ ۾ تاج جويي، حاجي خان ڪيريي، عظيم سنڌيءَ ۽ ٻين جو ساٿ رهيو. اشاعت گهر'>باک اشاعت گهر جو پهريون پرچو، ”پيڙا جي پروڙ“ ۽ آخري پرچو ”سج سڀاڻي جا ڪري“ جي عنوان سان شايع ڪيو ويو هو. هر پرچو 40 کان 48 صفحن تي مشتمل هو ۽ هر پرچي جي قيمت ٻه رپيا رکيل هئي. هن ڪتابي سلسلي سان وڏن کان وٺي ننڍن اديبن تائين هرهڪ جو ساٿ رهيو. هي ڪتابي سلسلو، نامياري اديب ظفر حسن سيد جي پريس، پرفيڪٽ پرنٽرس 474، صدر مان ڇپجندو هو.


لفظ باک اشاعت گهرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو